انڊس تهذيب سرزمين پاڪستان جو تاج آهي، ۽ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ايڪتا توڙي ڀائيچاري جو پيغام آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد / ڪراچي (05 نومبر 2020) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انڊس تهذيب سرزمين پاڪستان جو تاج آهي، ۽ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ايڪتا توڙي ڀائيچاري جو پيغام آهي. سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ پي پي پي چيئرمين جو چوڻ هو ته اڄوڪو ڏينهن حقيقت ۾ نوجوانن جو ڏينهن آهي، جيڪي ئي هِن عظيم ثقافت ۽ تهذيب جا وارث ۽ امين آهن. بلاول ڀٽو زرداري زور ڏنو ته هِن ڏهاڙي سبب مهراڻ جي وادي جي قديم موسيقي توڙي ڊانس جهڙن آرٽس ۽ ذائقيدار کاڌن کي نئون رنگ مليو آهي، پر ان سان گڏوگڏ اسان کي ٻي دنيا کان به سکڻ جي ضرورت آهي ته اُن اهڙي قسم جي سرگرمين کي ڪهڙي ريت پنهنجي سماجي توڙي معاشي واڌ ويجهه جو پليٽفارم بڻايو. هُن ثقافتي ڏڻ جهڙين سرگرمين کي گڏيل قومن طرفان ملهائجندڙ ڏهاڙن وانگر هر سال ڪنهن نئين نعري يا ٿِيم هيٺ ملهائڻ جي پڻ تجويز ڏني آهي. پي پي پي چيئرمين چيو ته مختلف ثقافتن، مذهبن ۽ رنگ نسل جي ماڻهن پاران رواداري ۽ امن سان گڏجي رهڻ جو نالو جديد دور آهي. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سميت ملڪ جي چئن ئي صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائيندڙ ن کي پهنجي طرفان دلي مبارڪون ڏنيون آهن.

50% LikesVS
50% Dislikes

Leave a Reply

Please Login to comment
  Subscribe  
Notify of
%d bloggers like this: